راهب شاهه شيرازي

راهب شاهه شيرازي: حر تحريڪ جو مشهور ڪردار فقير راهب شاهه، 1895ع ڌاري ڳوٺ ڀِڙي، تعلقي سنجھوري، ضلعي سانگھڙ ۾جنم ورتو. کيس چئن پاڳارن جي عقيدت ۽ زيارت جو شرف حاصل هو، جن ۾ سيد شاهه مردان شاهه (اول) ’ڪوٽ ڌڻي‘، سيد صبغة الله شاهه ’سورهيه بادشاهه‘، سيد شاهه مردان شاهه (ثاني) ۽ سيد صبغت الله شاهه راشدي شامل آهن. سيد راهب شاهه شيرازي انگريز سامراج خلاف حر تحريڪ جي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ ڪافي عتاب سَٺو. انگريز سرڪار جڏهن 1898ع ۾ سردار محمد يعقوب جي رپورٽ تي حرن کي لوڙهن ۾ قيد ڪيو هو ته پهريون لوڙهو ڀڙي ڳوٺ ۾ قائم ڪيو هو ۽ راهب شاهه پهريون شخص هو، جيڪو ٽن سالن جي ٻاروتڻ ۾ ان لوڙهي ۾ قيد ٿيو ۽ ڪيترائي سال ان لوڙهي ۾ رهيو، جنهن بعد سڪرنڊ واري جلالاڻي ڪئمپ لوڙهي ۾ به ڪيترا سال قيد رهيو، جنهن بعد هن سورهيه بادشاهه جي دور ۾ انگريزن خلاف هلايل تحريڪ دوران حر تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ 1942ع ۾ کپري، شهدادپور ۽ آخر ۾ جھول واري لوڙهي ۾ قيد ٿيو. مٿس تمام گهڻو تشدد ڪيو ويو ۽ کيس تڪليفون ڏنيون ويون ته سورهيه بادشاهه جي خلاف بيان ڏئي، پر هن سنڌ جي سپوت تڪيلفون ته برداشت ڪيون، پر پنهنجي مرشد خلاف ڪا به شاهدي نه ڏني. هو وڏو سورهيه ۽ دلير هو. ٽي صديون پنهنجي اکين سان ڏسندڙ راهب شاهه انگريز سرڪار جا ظلم سٺا ۽ حر تحريڪ جون ڪيتريون يادگيريون قلمبند به ڪرايون. هن سڄي زندگي غربت ۾ گذاري، هارپو ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پاليندو هو. فقير راهب شاهه 117 سالن جي ڄمار ۾ 22 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.


لفظ راهب شاهه شيرازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2012.07.22  عيسوي

فقير راهب شاهه 117 سالن جي ڄمار ۾ 22 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آچاريه ڀڳوان ديو
جاحظ1
امداد علي اوڍو
خلجي جلال الدين فيروز
پارو خان ڪوري
شير محمد خان بجاراڻي
حڪيم محمد يوسف کتري
پير غوث محمد
پنجل مير بحر
ديارام ساهني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون